ٽنڊو غلام علي

ٽنڊو غلام علي: ضلعي بدين جو هڪ شهر، جيڪو روڊن ذريعي ماتليءَ، بدين، ٽنڊي محمد خان ۽ گلاب لغاري ڳوٺ سان ڳنڍيل آهي. هن شهر کي مير غلام علي مالڪاڻيءَ، ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ آباد ڪيو. مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر جي ڪاٽن مل، هتان جو سڀ کان وڏو صنعتي ادارو آهي. شهر جو انتظام ٽائون ڪميٽي هلائيندي آهي. هي شهر واپاري لحاظ کان وڌندڙ شهر آهي. سنڌ جو سابق وزيراعليٰ مير بنده علي خان هن شهر جو رهاڪو هو، جنهن جي دور ۾ سنڌ ۾ جاگيرداري ائڪٽ جو بل پاس ٿيو. هن بل جي نفاذ سان خود مير بنده علي خان جي هزارين ايڪڙ زمين سرڪار پنهنجي قبضي ۾ ورتي هئي.


لفظ ٽنڊو غلام عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو